اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن ت?? پاڪستان جي سمورين سياس?? پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياس?? پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويرات?? پاليسين سان جڙيل آهن ۽ اه?? پاڪستان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آه??. ه?? چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.