اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز حڪومت جي ٻن سالن جي ڪ??رڪ??دگي مهم ۾ شريڪ ڪابينا ميمبرن ۽ ان پيغام ۾ عوام تائين پهچائيندڙ اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ٿوري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد جاري رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪومت جي ٻه سالا ڪ??رڪ??دگي اجاگر ڪرڻ جي مهم جو حصو بڻجندڙ ڪابينا جي ميمبرن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي ڪ??رڪ??دگي جو پيغام عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو.