اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متف?? راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي قدم جي م??مت ڪندي ڪشميرين سان يڪجه??ي جو ڀرپور ??ظه??ر ڪيو، ڀارت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪشميرين جي دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهي شڪست کائي چڪا آهن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آهي ته ڪشمير تي سياسي قيادت متف?? راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃان ٿو جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪيو ۽ سياست کان ڪشمير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي سان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃان ٿو جنهن ڪشمير ڪاز سان يڪجه??ي جو ??ظه??ر ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم جي م??مت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀارت جي م??مت ۾ نڪتا آهن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي م??حرڪ ڪيو ويو آهي، ڀارت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ڪيو ان جي قدم سان سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀارت جي قدم جي خلاف سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم سان يڪجه??ي جو پيغام ڏنو آهي، ڀارت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آهن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀارت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀارت هاڻي انڊيا مان هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري م??جد ??ي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري م??لمان امت ان جي م??مت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڀارت شڪست کائي چڪو آهي، ڪشميرين جا دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اسان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين نقشي کي سڀني م??فقه طور تي منظور ڪيو آهي، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.