اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي شعب?? کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت طبقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسا?? کي وڏن ملڪ?? کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانف??نس کي وڊيو ڪانف??نس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.