اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمري??ي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. گهرو وزير محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمري??ي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي آمري??ي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمري??ي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئ??. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمري??ي سفير چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن ج?? ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن ني??لي بيڪر به ان موقعي تي موجود هئي.