اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پا??ستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يو??پ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي، اسان جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي مرڪوز رهيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪيترن ئي يو??پي ملڪن سان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گرين پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتون طئي ٿيون. ترجمان چيو ته يو??پي يونين پا??ستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي يو??پ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آ??ن. ??ن چيو ته پا??ستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي لاءِ غيريورپي يونين جي ملڪن سان مصروف عمل آهي.