اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ادارن تي آم??يڪي پابندين تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان اين ڊي سي ۽ ٽن واپاري ادارن تي پابنديون ??ڻڻ جي آم??يڪي فيصلي کي بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار ڏي ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ان جي خودمختياري جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيون ??ابنديون امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف ڪن ٿيون جنهن جو مقصد فوجي عدم توازن کي وڌائڻ آهي، اهڙي طرح جون ??اليسيون اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ آهن. بيان موجب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي 240 ملين ماڻهن پاڪستان جي قيادت کي عطا ڪيو آهي. ان امان?? جي تقدس کي جنهن کي پوري پوليٽيڪل اسپيڪٽرم ۾ تمام گهڻي عز?? جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي نجي واپاري ادارن تي پابنديون ??ڻڻ تي پڻ افسوس آهي، ماضي ۾ واپاري ادارن جُون اهڙي طرح جون ??هرستون بنا ڪنهن ??بو?? جي رڳو شڪ تي ٻڌل هيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماضي ۾ ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لاءِ لائيسنس جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرزعمل نه رڳو عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي پڻ خطري ۾ وجهن ٿا.