اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو، تع??يم واري وزارت تحت مدرسن جي رجسٽريشن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن، مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجينئرز بڻجي رهيا اهن، مدرسا بل جي حوالي سان حڪومت عالم سڳورن جي تجويزن تي مشاورت ڪندي، مولانا فضل الرح??ان قابل احترام آهي، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀني کي قابل قب??ل هجي. مقامي هوٽل ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ سڌارن جي حوالي سان عالم سڳورن جي اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو جنهن تحت 18 هزار مدرسن رجسٽريشن ڪرائي ورتي. تع??يم واري وزارت جي انتظام هيٺ مدرسن جي رجسٽريشن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، خوشي ٿئي ٿي ته مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته تع??يم واري وزارت ئي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ريگيوليٽ ڪري ٿي، ملڪ جون سموريون يونيورسٽيون به ان تحت آهن، مدرسن جي رجسٽريشن تع??يم واري وزارت جي انتظام هيٺ ڪرڻ سان مدرسن ??ان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، ان نظام جو مقصد هو ته مدرسن ۾ تع??يم پرائيندڙ ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جو نقصان نه ٿئي، انهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ٿئي ۽ اهي معاشري ۾ ذميوار ۽ پڙهيل لکيل شهري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. مدرسن جي شاگردن کي اهي سمورا موقعا ميسر هجن جيڪي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ميسر آهن، انهي لاءِ چيو ويو ته مدرسن جا شاگرد ۽ يونيورسٽين جا ٻيا شاگرد هڪ ئي ڇت هيٺ هجن ته جيئن انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته ان نظام جي حوالي سان تمام گهڻي تيزي ٿي، ڊائريڪٽوريٽ جنرل مذهبي تع??يم ۾ 18 هزار مدرسن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل مذهبي تع??يم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جي عمل ۾ عالم سڳورن جون ڪوششون به شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته مدرسا بل ڪجهه قانوني پيچيدگين جي ڪري قانون جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو، اڄ هتي به ان حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، عالم سڳورن جون تجويزون نوٽ ڪري ورتيون آهن، انهن تي مثبت فيڊ بيڪ ڏينداسين. هن چيو ته مولانا فضل الرح??ان اسان جي لاءِ قابل احترام آهي، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀني کي قابل قب??ل هجي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه هجي، ان حوالي سان اسان نيڪ نيتي سان ڪردار ادا ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ امن ا??ان جي حوالي سان معاملن جي لاءِ پڻ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، دهشتگردي جو مقابلو ۽ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ تمام ضروري آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي نوابزاده نصرالله خان جي نظم جا ڪجهه شعر پڻ پيش ڪيا.