اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وز??ر ڄام ڪمال خان چيو آهي ته واپار واري وزارت ۽ ان جا سمورا ذيلي ادارا روانگي واپار ڪندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪن. روانگي واپار جي صل??حيتن کي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون جاري رکيو پئي اچي. وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وفاقي وز??ر ڪالهه هتي واپار واري وزارت جي ذيلي ادارن جي داخلي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر ماتحت ادارن کي پاڪستان جي واپاري ۽ روانگي واپار واري صل??حيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اُڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڄام ڪمال خان اختياين کي هدايت ڪئي ته اهي روانگي واپار جي سهولت کي ترجيح ڏين ته جيئن ان جي پيداواري صل??حيت کي وڌ کان وڌ ڪري سگهجي. هن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ باسڪٽ کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي واپار کي وڌائڻ لاءِ غير استعمال ٿيل عالمي مارڪيٽن جي تلاش جي اهميت تي زور ڀريو. علائقائي ??جح??نن کان اڳتي رهڻ جي اهميت کي اج??گر ڪندي ڄام ڪمال خان پنهنجي ٽيم تي زور ڀريو ته هو وز??راعظم شهباز شريف جي روانگي واپار جي پاليسيءَ موجب اسٽر:ٽجڪ نقطهءِ نظر اختيار ڪن. هن چيو ته واپاري حصيداريءَ کي وڌائڻ ۽ روانگي واپار جي حڪمت عملي کي بهتر بنائڻ جي هدفن جون ڪوششون اقتصادي ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.