اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جو بيان پاڪستان جي ا??در??ني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تع??يم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کا?? انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کا?? روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کا?? اها اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بي?? الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.