اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مرڪزي درواز?? تي ملائيشيا جي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم هائو?? اچڻ جي موقع?? تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم معزز مهمان سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان موقع?? تي ملائيشيا جي وزيراعظم پنهنجي وفد جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم هائوس جي لان ۾ ٻوٽو هنيو ۽ دعا ڪئي. ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.