نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمري??ي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو مشڪلاتن ۾ ورتل آهن ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنرل اسيمبلي کي هي منهنجو چوٿون ۽ آخري خطاب آهي. جو بائيڊن چيو ته روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته اسان خاموش رهي سگهياسين پئي پر ائين نه ڪيو، اسان روس جي خلاف اٿي بيٺاسين ۽ اڄ نيٽو اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته چين سان معاشي مقابلي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. غزه ۾ جاري اسرائيلي ج??رح??ت تي جو بائيڊن چيو ته دنيا کي 7 آڪٽوبر جي تباهين کان پٺتي نه هٽڻ گهرجي، غزه ۾ شهري ۽ يرغمالي افسوسناڪ لمحن مان گذري رهيا آهن. آمري??ي صدر چيو ته غزه ۾ هزارين فلسطيني ۽ ٻار انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهن، وچ اوڀر ۾ جنگ جو ڦهلاءُ ڪنهن جي حق ۾ نه آهي، هر مسئلي جو سفارتي حل ممڪن هوندو آهي، فلسطين مسئلي جو حل ٻه رياستن جي قيام ۾ آهي. جو بائيڊن چيو ته غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس آڻڻ جو معاهدو فائنل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. آمري??ي صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سوڊان ۾ خوني گهرو ويڙهه جي ڪري 80 لک ماڻهو بک جو شڪار آهن، دنيا کي سوڊان ۾ جنگجوئن کي هٿيار ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو. صدر جو بائيڊن چيو ته آمريڪا 2030ع تائين آلوده اخراج ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جي راهه تي گامزن آهي، صاف توانائي کان وٺي ٽيڪنالاجي ۾ جدت تي پوري دنيا جو حق آهي. آمري??ي صدر چيو ته گڏيل قومن کي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي بنيادي ڪم طرف واپس اچڻو پوندو. جو بائيڊن جو چوڻ هو ته مصنوعي ذهانت جو ذميواراڻو است??ما?? ٿيڻ گهرجي، مصنوعي ذهانت جي لاءِ عالمي قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي.