اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاق?? وزير احسن اقبال چيو آهي ته ز??اعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاق?? وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زراعت وار?? وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاق?? وزير احسن اقبال چيو ته ز??اعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زراعت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽي??نالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته تربيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ز??عي شعبي ۾ ترق?? وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زراعت جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، زراعت ۾ روايتي طري??ي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.