اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي ر??تي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪاري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي، هن چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙي شرح ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم واضح هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي ر??تي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪاري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي. وزيراعظم چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙو تناسب ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال جي صدارت ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا چين ۾ زرعي تربيت جي حوالي سان پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي شفاف طريقي سان چونڊ جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي وزيراعظم کي چيني ماهرن جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو وي?? ته چيني ماهرن جي وفد 30 جولاءِ 2024ع کان 6 آگسٽ 2025ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، چيني وفد مختلف وزارتن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزارتن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون، وفد جي دوري دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالا??ي، مواصلات ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي. چيني وفد ملڪ جي وڏي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقاتون ڪيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ نان ٽريڊ بيريئرز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وي??ديون. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو وي?? ته چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان چين جي مختلف شهرن ۾ سيڪٽورل روڊ شوز منعقد ڪرايا وي??دا، اليڪٽرڪ وهيڪلز، اليڪٽرو ميڊيڪل ڊيوائسز ۽ ٻين شعبن ۾ چين سان ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان خدمتون حاصل ڪيون وي??ديون. بريفنگ دوران ٻڌايو وي?? ته چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان چيني ڪمپنين جي دلچسپي ۾ اضافو ٿيو آهي، چيني آٽو اسپيئر پارٽس ڪمپني جي تازو ئي پاڪستان ۾ پنهنجو پلانٽ لڳائڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ زمين کي ليز تي وٺڻ جي حوالي سان آساني پيدا ڪئي پئي وڃي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو وي?? ت?? پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز کي چين ۾ زراعت جي شعبي ۾ تربيت ڏني وي??دي جنهن جي لاءِ هيستائين 572 درخواستون ملي چڪيون آهن. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير ??بدالعليم خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ??حد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير ??ويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.