سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت ??خت??ف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصا?? کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي ر?? ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي ??خت??ف علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀ??رت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي ر?? ڪيو ويو آهي، ??خت??ف ح??يت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀ??رتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.