اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايجنڊا طئي ٿي و??ي آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي و??ري و??ير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري و??ير احد خان چيمه، قا??ون ۽ انصاف واري و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، آبي وسيلن، پيٽروليم، انساني حقن، مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي ??ور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايجنڊا به طئي ڪئي و??ي.