اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اج??اس کان اڳ هڪ وزارتي اج??اس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثق??فتي ۽ انساني ت??او?? تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پاڪستان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪستان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اج??اسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اج??اس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي ت??او?? تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ ت??او?? کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستانه ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سربراهي اج??اس جي موقعي تي اڳ ۾ پاڪستان – آذربائيجان – ترڪيه ٽه ڌريي سربراهي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثق??فت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي ت??او?? جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌريي ت??او?? کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي سربراهي اج??اس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ڌريي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.