اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرم??ن بل گ??ٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر روبينه خالد بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ معاشي بااختياري ضروري آهي، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي دليل آهي، مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان هڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان نظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پ??وگ??ام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گ??ٽس بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن لاءِ هڪ بهترين فلاحي پ??وگ??ام قرار ڏنو. هن ان پ??وگ??ام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. بل گ??ٽس چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام طرفان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيان ٿو. چيئر پرسن روبينه خالد بل گ??ٽس جي بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار لاءِ دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪيون ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.