اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) زرعي شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب اقتصادي اوسر واري ??رح ۾ اضافو ٿيو، زراعت جي شعبي ۾ هي گذريل 19 سال دوران سڀ کان وڌيڪ ترقي آهي. مالي س??ل 24-2023ع دوران زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي اوسر واري ??ر?? 6.25 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي فصلن ۾ بهتري ??ان زراعت جي شعبي ۾ ترقي ٿي ۽ مالي س??ل 24-2023ع دوران زرعي شعبي ۾ ترقي جي شر?? 6.25 سيڪڙو رهي، صنعتي شعبي ۾ به هاڪاري ??وسر واري ??رح رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مالي س??ل 24-2023ع دوران ڪپهه جي پيداوار ۾ 108 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ 10.2 ملين بيلز جي پيداوار ٿي، چانورن جي پيداوار ۾ 34.8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 9.87 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ 11.6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 31.44 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، لائيو اسٽاڪ جو زراعت جي شعبي ۾ حصو 60.84 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ لائيو اسٽاڪ جي شرح 14.63 سيڪڙو رهي، لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 3.89 سيڪڙو رهي.