اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽر تسڪين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تسڪين ظفر جي لاڏاڻي جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هو هڪ باصلاحيت ۽ تجربيڪار نيوز ڪاسٽر هئي، سندس وفات سان نه رڳو ريڊيو پاڪستان پر ميڊيا انڊسٽ??ي کي تمام گهڻو ن??صا?? پهتو. وفاقي وزير تسڪين ظفر جي ڪٽنب سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر ڏئي.