اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان خدمتن تي ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اب??اهيم ??ئي??ي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿي??. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جم??ور??ه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿي?? آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جم??ور??ه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر اب??اهيم ??ئي??ي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اب??اهيم ??ئي??ي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر اب??اهيم ??ئي??ي جو پاڪستان جو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد اب??اهيم ??ئي??ي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.