اسلام آباد – 27 ?? مئي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف مارگلا پهاڙين تي لڳل باهه کي جلد اجهائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي ا??تع??ال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي مارگلا جي پهاڙين تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز کي باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، باهه تي جلد کان جلد ضابطو يقي??ي بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه به يقي??ي بڻائي وڃي ته باهه سان ڪنهن انساني جان کي نقصان نه پهچي، جيتري قدر ٿي سگهي جهنگلي جيوت جو تحفظ پڻ يقي??ي بڻايو وڃي.