اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آ??ي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان جو دو??و ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آ??ي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آ??ي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تمام گهڻي ??هم??ت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آ??ن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آ??ي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آ??ي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دو??و هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آ??ي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آ??ي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.