اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاء?? ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ ج?? ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاء?? ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سنگاپور جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فا??دو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنگاپور ۾ پاڪستاني خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ ج?? ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاء?? ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاء?? ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.