اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪر?? جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اس??بل?? ۽ چئني صوبائي اسي??بل??ن جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسي??بل??ون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چونڊ ڪالج مڪمل نه هج?? جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪر?? جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسي??بل??، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسي??بل??ون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ملتوي ڪر?? جي درخواست رد ڪري ڇڏي.