اسلام آباد_11 فيبروري(اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته مان پاڪستان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو خاص طور تي عورتن کي جن شديد ڏکيائين باوجود جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو،هن چيو ته نوجوان پڻ تع??يف جا مستحق آهن جن ووٽنگ جي عمل ۾ پر امن طريقي س??ن حصو ورتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته شديد مالي بحران مان نڪرڻ ،ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جي رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو جيڪو نظر اچي رهيو آهي.اسان کي ان جوش جذبي تي جشن ملهائڻ گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ گهرجي، هن چيو ته شاندار مستقبل تي اسان جو اعتماد مضبوط ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو آهي، شهرين کي ان عظيم منڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مڃڻ گهرجي. صدر عارف علوي دعوت ڏيند?? چيو ته اچو سڀ گڏجي نئين س?? تعيمر جو ڪم شروع ڪيو دنيا توهان جي منتظر آهي.