اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اس??يش??ن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اس??يش?? جي 100 ميٽر ان??ر ڪنهن خاص اميدوار جي ح?? ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي ح??صله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل ??وٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ڏينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اس??يش?? کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.