اسل??م آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وفاقي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي د??رن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم ه??اي?? ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ل??و نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سرڪاري يا نجي د??رن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم پاران ه??اي?? ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ل??و نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽريز کي چيو ويو آهي ته اهي انهن ه??اي??ن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائين.