مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??شم??رين جي انهن جي خ??دم??تياري جي حق لاءِ جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي حل مڙهي نه ٿو سگهي، ??شم??ر ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ??شم??ر يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ??شم??ر قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??شم??ر يڪجهتي ڏهاڙو ملهائين ٿا اهو ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هر سال اسان ڄمون ۽ ??شم??ر جي ڀائرن سان جابراڻي غيرملڪي قبضي جي خلاف انهن جي خ??دم??تياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد ۾ گڏ بيٺل هجڻ جو وچن ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ??شم??ر کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. ??شم??ر کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي. پاڪستاني ۽ ??شم??ري مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک جا تهوار ??ڪ آهن. ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان کان جدا نه ٿو رهي سگهي. اسان ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي اهم ڌر آهيون. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي حل مڙهي نه ٿو سگهي. ??شم??ر ڪاز جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته ??شم??ر تڪرار ??اڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ سدائين شامل رهيو آهي جيڪو هڪ اڻٿڪ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان جي معاشري جا سمورا طبقا ۽ قومي ادارا ??شم??رين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ پوري دنيا ۾ ??شم??رين جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ??شم??ري عوام جي امنگن موجب ??شم??ر تڪرار جي حل لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت لاڳاپيل عالمي فورمز تي سدائين ??شم??رين جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ??شم??ر جي هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهيون جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ??شم??رين خ??دم??تياري جي حق جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي. ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ??شم??ري رتورت ٿي ويا پر جُهڪيا نه. هن چيو ته مسلمان اڪثريتي رياست هجڻ جي ناطي ??شم??ر کي پاڪستان جو حصو هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ??شم??ري عوام جي امنگن کي دوکيبازي ۽ سازشن جي ذريعي پائمال ڪيو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ??شم??ري عوام جا زخم اڄ به تازا آهن. آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر وڏين قربانين ۽ جدوجهد سان آزاد ٿيو. 1947ع ۾ خطي ۾ قتل عام جون يادون اسان جي ذهنن مان مٽجي نه سگهيون. ??شم??رين کي پاڪستان جي بي پناهه حمايت جو يقين ڏيارڻ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آ??يون. انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد ۾ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڀارت پاڻ ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ خطي جي تڪراري حيثيت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن فيصلو ڪيو ته ??شم??ر تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي جمهوري طريقي سان ڪيو وي??دو جڏهن ته اڃا تائين ??شم??رين کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ڀارت کي ريفرنڊم جي حوالي سان پاڪستان ۽ سڀ کان وڌيڪ ??شم??ري عوام سان پنهنجي پختي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڀارت جي جمهوري هجڻ جي دعويٰ کوکلي آهي. هن چيو ته موجوده ڀارتي قيادت ??شم??ر تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ روايتي ڏاڍ جاري رکيو آهي. ڀارتي قيادت معصوم ??شم??رين جي خلاف پنهنجي جانبداراڻي قدمن جي لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي. بي جي پي ۽ آر ايس ايس جو اهو اتحاد بنا ڪنهن سبب جي ??شم??رين کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هندوتوا جي زهريلي نظريي ??شم??رين تي ايترو ظلم ڪيو آهي جيترو اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر کليل جيل وانگر بڻيل آهي. هن چيو ته ??شم??ري خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندهه رهي رهيا آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، انهن جون زمينون ضبط ڪيون پيون وڃن، هراستون، تشدد ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ٿي رهيا آهن. آزادي پسند ??شم??رين جون ملڪيتون هڙپ ڪيون پيون وڃن. گذريل 45 سالن ۾ 96 هزار کان وڌيڪ ??شم??ري شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين عورتن کي هراسان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سمورن ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري کي انهن زيادتين ۾ ملوث ماڻهن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. فلسطين جي تازن واقعن کانپوءِ دنيا جي امن پسند ماڻهن جو ضمير زندهه ٿي ويو آهي. دنيا کي ياد ڪرايون ٿا ته ??شم??ر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، ڏهاڪن جي ڀارتي ڏاڍ جا ثبوت موجود آهن. عالمي برادري کي بيدار ??يڻ گهرجي ۽ ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. والاريل ??شم??ر ۾ انساني حقن جي انهن خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ??شم??ر تي پنهنجي ناجائز قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن. 5 آگسٽ 2019ع کان ??شم??رين کي پنهنجي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ جي لاءِ مهم زورن تي آهي. ان ڏينهن ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ڀارتي ۽ سياسي نقطن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، انهن ۾ چونڊ تڪن ۾ ووٽرز فهرستن ۾ غير??شم??رين کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ??شم??ر کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل، ملڪيت ۽ ملڪيت بابت نوان قانون شامل آهن. اهي ڪارروايون عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ??شم??ري عوام جي خ??دم??تياري جي حق کان انڪار طرف تازو قدم آ??ي اهڙن فيصلن جي ذريعي ??شم??ري عوام جي امنگن کي مجروح نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان جو ڪو به جواز نه آهي. هن چيو ته ??شم??رين ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. ??شم??ر تڪرار جي حيثيت کي سدائين عالمي قانون جي ڏس ۾ ٻڌايو ويو آهي. عالمي قانون تحت ڪنهن به عمل کي جيڪو ڀارتي قانون جي ماتحت آهي، ڄمون ۽ ??شم??ر کي حتمي حيثيت جو تعين ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي جيڪو عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي. ملڪي قانونسازي ۽ فيصلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سان عملدرآمد بابت ڀارت کي پنهنجي ذميوارين کان آجو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جعلي بيانيو پيش ڪري رهيو آهي. ??شم??رين جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي جو غلط ليبل هڻي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ??شم??ري پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهادري سان بيٺل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ واضح فرق آهي. دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، رياست پاران ان جو ارتڪاب خوفناڪ هو??دو آهي. ڀارت والاريل واديءَ ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ??شم??ر ۾ واحد دهشتگرد ڀارت آهي. هن چيو ته اسان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکون ٿا. اسان تڪرار ??ه ٿا چاهيون، اسان وٽ حملي جي ڪرڻ جي صورت ۾ زبردست ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قوت ۽ صلاحيت موجود آهي. ڀارت ان حوالي سان اسان کي ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر ڪا خواهش آهي ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته ڀارت کي ??شم??رين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي ان کي والاريل ??شم??ر ۾ بنيادي حقن ۽ آزادين کي بحال ڪرڻ گهرجي، انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي، سخت هنگامي قانون کي رد ڪيو وڃي. ??شم??ري شهرن، ڳوٺن مان فوج ڪڍڻ گهرجي. آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي، پرامن ميڙ ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏيڻ گهرجي. زميني صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ آزاد مبصرن ۽ انساني حقن جي نمائندن کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ ان کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ??شم??ري عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جو حق ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ??شم??رين جي آزادي جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. هن چيو ته دنيا آڏو ڀارت جو چهرو بي نقاب ڪنداسين. سفارتي مهم زور شور سان جاري رهندي. ??شم??رين جي خ??دم??تياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.