اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??اڪ??تان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. ??اڪ??تان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي وزير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، ??اڪ??تان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??فد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن ??اڪ??تان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ??قت??ادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ??اڪ??تان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين جو تعاون ??اڪ??تان جي صنعتي ترقي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن ??ي وچ ۾ ??قت??ادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن ??اڪ??تان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ته ??اڪ??تان پنهنجي سماجي ۽ ??قت??ادي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ??اڪ??تان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ??اڪ??تان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين ??ي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 ??ي وبا دوران چين جي دوري تي صدر ??اڪ??تان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.