اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بريل رسم الخط ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن جي لاءِ خو??مختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي، بريل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير پهچ جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بريل رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن جي علم تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بريل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بريل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن جي پهچ وڌائڻ طرف پا??ست??ن جي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجاد، ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پا??ست??ن بريل خو??ندگي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پا??ست??ن عالمي سطح تي مڃيل ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ کان ??حر??م ماڻهن کي بريل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن تائين پهچ ۾ مدد ملندي، تع??يم?? ادارن ۽ لائبريرين ۾ بريل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پا??ست??ن جامع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن، بريل رسم الخط سان پا??ست??ن تعليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي اسان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.