اسلام آباد – 05 – ڊس??بر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سه??لتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي پاڪستان جي امن تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداس??ن، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. هن يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏياري ويندي. نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جي جلد ??حتيابي لاءِ دعا ڪئي.