اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? چيو آهي ته ها??ي فيڊريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدالت اڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ ايف جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? چيو ته ها??ي فيڊريشن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پ??ي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ حڪومت کيس عه??ي تان هٽايو ته هن عدالت سان رجوع ڪيو ته عدالت به ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت ها??ي فيڊريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.