اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. سينيٽ جي ??جل??س ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل ڏاهپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آهن، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پنجاب ۾ 39 لک 24 هزار 367 ميٽرڪ ٽن، ??نڌ ۾ 8 لک 17 هزار 394 ميٽرڪ ٽن، ??يبرپختونخواهه ۾ 2 لک 15 هزار 82 ميٽرڪ ٽن، ??لوچستان ۾ 89 هزار 354 ميٽرڪ ٽن، پاسڪو وٽ 17 لک 18 هزار 177 ميٽرڪ ٽن موجود آهي، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 هزار 374 ميٽرڪ ٽن آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 270 ميٽرڪ ٽن، ??نڌ وٽ 93 هزار 165 ميٽرڪ ٽن، ??يبرپختونخواهه وٽ 14 هزار 918 ميٽرڪ ٽن، ??لوچستان وٽ 4 هزار 167 ميٽرڪ ٽن جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 هزار 510 ميٽرڪ ٽن بڻجي ٿو. هن چيو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 هزار 845 ميٽرڪ ٽن آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. صوبن ۾ امدادي قيمت مختلف آهي. پنجاب ۾ اها 4 هزار 600 ۽ سنڌ ۾ 4 هزار 700 رپيا في مڻ آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، ??ينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.