اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو ب??رڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو ب??رڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ?? پاڪستان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چي?? ته ايگزيڪيوٽو ب??رڊ جي ميمبر طور پاڪستان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چي?? ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.