قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي و??ري هنڌ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏينهن ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو، ان موقعي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪيو ويو. سفارتخاني طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان موجب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي ??مائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا.مهمان مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ڄمون ڪشمير جي ??ستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي ??اڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن موجب ٿي?? گهرجي. مقررن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي ??ڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي فوري طور تي وا??س ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري و??ي. ان موقعي تي پاڪستان جي سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ڄمون ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏاڍ کي هوا ڏيڻ جي ??ڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن غير قانوني قدمن کي وا??س وٺي. سفير ساجد بلال ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??نهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ڀارت جي ??حشياڻي قبضي مان لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.