اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ترقي پسند، جمهوري ۽ پرامن قوم طور اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان کي ماضي جي غلطين کي وساري مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، تڪرارن کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سا?? سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ سينٽر فار افغانستان، مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ فار پيس (يو ايس آئي پي) جي تعاون سا?? ”??طي ۾ امن، سلامتي ۽ ان اکان اڳتي: پاڪستان جو ڪردار“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هڪ اهڙي قوم بڻجڻ چاهيون ٿا جيڪا پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڪرڻ ڄاڻندي هجي ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏي. هن چيو ته دنيا جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. حڪومت پنهنجي عوام ۽ ملڪي مع??شت تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جا چين ۽ ايران سا?? لاڳاپا اڳ ۾ ئي سٺا آهن جڏهن ته اسان پنهنجي ٻين پاڙيسرين سا?? پڻ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا وچ اوڀر سا?? لاڳاپا تمام سٺا آهن، تيل جي دولت سا?? مالامال انهن ملڪن سا?? اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سا?? عملي طور تي بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان سا?? لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جي باوجود هيستائين گهر??ل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته بدقسمتي سا?? ويجهي ماضي ۾ اسان جي سرزمين تي 24 خودڪش حملا ٿيا ج?? مان 14 افغان شهرين ڪيا. هن چيو ته ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود اسان پاڙيسري ملڪ افغانستان سا?? لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت تازو ئي مع??شت کي مضبوط بڻائڻ، واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي تحت ڪيترائي قدم کنيا آهن، اسان جو سمورو ڌيان مع??شت ۽ واپار تي آهي.