اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن چونڊن جي شفاف انعقاد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ج?? عزم جو ورجاءُ ڪيو. اطلاعات ??اري نگران وزير سنڌ جي نگران وڏي وزير سان مقتول صحافي جان محمد مهر جي ڪيس حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير اطلاعات ??اري نگران وزير کي ٻڌايو ته مقتول صحافي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي جاري آهي. جسٽس (ر) مقبول باقر مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.