اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نوجوان اس??ن جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جيڪا نوجوانن تي ٻڌ?? آهي کي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن، پاڪستان کي جتي رب ڪريم بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اتي اس??ن جي نوجوان افرادي قوت اس??ن جي س?? کان وڏي طاقت آهي. بدقسمتي سان ماضي م نوجوانن جي ترق?? لاءِ ڪو خاص توجهه نه ڏنو ويو پر الله تعاليٰ جي ف??ل و ڪرم سان جڏهن عوام مون کي پنهنجي اعتماد سان پنهنجي خدمت جي ذميواري سونپي ته مون پنهنجون سموريون توانايون انهن ڪوششن ۾ صرف ڪيون. گذريل 15 مهينن ۾ نوجوانن لاءِ عالمي معيار جي تعليمي سهولتن، عالمي گهرجن سان هم آهنگ پيشيواراڻي تربيت، لاتعداد وظيفن، انڊومنٽ فنڊن، راندين جي سهولت، ليپ ٽاپس ۽ آسان قرض فراهم ڪيا. نوجوان اس??ن جو مستقبل اهن ۽ ملڪ جو معمار آهن. نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي.