اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ??يو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب، و??اق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي ??وور آهي. اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ??يو. ان سان ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.