نوابشاھه-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ض??عن ۾ امڪاني تيز هوائن ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس سن??س آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو فياض حسين راهوجو، ڊپ??ي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسزڊاڪٽر غلام مصطفى، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپ??ي ڊائريڪٽر دلشاد احمد عمراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊپ??ي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ڊپ??ي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر محمد عباس بلوچ چيو ته موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ ڊويزن ۾ ۾ تيز برساتن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي انهي لاءِ ٽنهي ض??عن جا ڊپ??ي ڪمشنر امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال ??ي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن جڏهن ته پنهنجي ض??عن جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ جو پابند بڻائين هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلع ۽ تعلقي سطح تي ايمرجنسي ڪنٽرول رو?? قائم ڪرڻ سميت گهربل مشينري کي فعال ??ڻائين جڏهن ته ضلع جي ننڍن وڏن شهرن مان فوري طور تي بل بورڊ هٽائڻ، پمپنگ مشينن کي چالو حالت ۾ رکڻ، ڊرينيج نالن جي صفائي ۽ زبون جائين کي خالي ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کڻن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ڪمشنر آفيس ۽ ٽنهي ض??عن جي ڊي سي آفيسن ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول رو?? قائم ڪيا ويندا ڪمشنر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي قائم دولتپور اسپتال ??ميت ٽنهي ض??عن جي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به ايمرجنسي کي فوري طور منهن ڏئي سگهجي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سڪيريٽرين کي پابند بڻائين ته برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کڻن اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ٽنهي ض??عن جي ايس ايس پيز کي ض??ع انتظاميه سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ايمرجنسي ڪنٽرول رو?? قائم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيو ويون آهن اجلاس ۾ ٽنهي ض??عن جي ڊپ??ي ڪمشنرن پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.