اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعو?? تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب پرڏيهي وزير جو دورو جاپان سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشارو ڏي ٿو. پرڏيهي وزير دوري دوران پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيما ساحياشي سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪيشيدا سان پڻ ملاقات ڪندو. هو جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان??ٽي??يوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا جاپان جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آهي. پاڪستان ۽ جاپان جا ڊگهي عرصي کان لاڳاپا قائم آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آهي. پرڏيهي وزير جي جاپان ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد بابت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪن??ڙ سينيئر عملدارن ۽ ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آهي.