اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪس??ان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اث?? پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪا به ش??ءَ خطي ۽ پاڪس??ان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪس??ان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪس??ان جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ پاڪس??ان جا چين سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو به پاڪس??ان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪس??ان کي به اعتراض آهي.