ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿ??اپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ماڻهن کي ??عا??ري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي ??عا??ري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ??ه سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششو?? جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انه?? جا مسئلا معلوم ڪيا.