لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو ا??هار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ??ه ٻنهي ??لڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ??نهي ??لڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو ا??هار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.