اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪلنڪر ڍنڍ عمرڪوٽ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ?? انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي حفاظتي انتظام بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.