انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ تي وزيراعظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ ??اڪ??تان – ترڪي فرينڊ??پ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وزيراعظم سان گڏ انقره ?? آديامان پهتا. وزيراعظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا ??اڪ??تان مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين ??اڪ??تان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وزيراعظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ??اڪ??تاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيراعظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وزيراعظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ ??اڪ??تان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ ??اڪ??تاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.