اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ موج??د هئا. ملاقات ۾ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ ريزيلئينٽ ??اڪستان ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي ڪانفرنس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته پرڏيهي وزير وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪا جي تازي دوري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو.