اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ناڻي واري وفاقي وزير صدر کي ملڪ جي مجموعي اقتصادي ۽ مال??ات?? صورتحال کان آ??اه?? ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي پاڪستان جي عوام خاص طور تي ملڪ جي محروم علائقن جي غير مراعت يافته آبادي ۽ ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن کان پڻ آ??اه?? ڪيو. ملاقات دوران ناڻي ۽ معيشت بابت مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.