نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون عالمي اڳواڻن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين کان آگاهه ڪندي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاء?? گڏيل ڪوششن ۽ قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي مون دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات??ن ڪيون آهن جن ۾ انهن کي ٻڌايو ته پاڪستان واپار ۽ معيشت جي لاءِ حصيداري جو خواهشمند آهي.